1972ع
| ھزارو: | |
|---|---|
| صديون: |
|
| ڏھاڪا: |
|
| سال: |
|
واقعا
سنواريو- 2 جنوري – پاڪستان جي تمام اهم صنعتن کي قومائيو ويو.
- 2 جنوري – محمد ضيا الحق جي حڪم تي ملتان ٽيڪسٽائيل مل جي ملازمن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ٻه کان وڌيڪ پورهيت اجل جو شڪار ٿيا.
- 2 جُولاءِ – سنڌي ٽائپ رائٽر مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندو ويو، ان کان اڳ سنڏي ۾ ٽائپ رائٽنگ نہ ٿي سگھندي ھئي.[1]
- 7 جُولاءِ – سنڌي ٻولي جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيو.
- 8 جُولاءِ – سنڌي ٻولي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ ھنگاما تيز ٿي ويا، فوج طلب ڪئي وئي ۽ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.
- 11 جُولاءِ – ٻولي وارن فسادن سبب ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، اتي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو.
- 24 جُولاءِ – ڪراچي ۾ بيهر وڳوڙ شروع ٿيا ۽ حڪومت کي ڪرفيون فافظ ڪرڻو پيو.
- 9 آگسٽ – سنڌ ۾ قومپرستن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، انتظاميا جي ايم سيد کي پڻ گرفتار ڪري ورتو.
- 22 آگسٽ – روڊيشيا کي نسل پرست روين سبب عالمي اولمڪ ڪميٽي مان نيڪالي ڏني وئي.
- 22 آگسٽ – پ پ پ گلگت ۽ بلتستان وارن علائقن ۾ شاهي خاندان جي گھڻي عرصي کان الڳ الڳ حڪمراني ختم ڪري ڇڏي.
- 8 آڪٽوبر – اسرائيل پاران شام ۽ مصر تي حملا ڪيا ويا.