وسپت
خميس (انگريزي ٻولي: Thursday) جمعي کان پهرين ۽ اربع کان پوءِ وارو ڏينهن آهي.
هي هفتي هفتي جي ستن ڏينهن مان هفتي جو پنجون ڏينهن آهي. [1]
لفظ خميس
سنواريوخميس = هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن خمس پڻ چوندا آهن. هن جو مطلب پنج آهي. ان ڪري جو علم نجوم ۾ هي پنجون ڏينهن آهي.
سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن .
عربن کان پهرين هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو.
وسپت کان خميس
سنواريوعربن کان پهريان خميس جنهن کي وِسپت چوندا هئا. ان لفظ جو بنياد ورسپتي / برہسپتي ديوتا جي نالي مان ورتو ويو آهي. هن ڏينهن جو گرھ مشتري آهي.
ورسپتي / برہسپتي ديوتا
سنواريوهي ديوتا، هندن وٽ سڀني ديوتائن جي گرو (استاد ) طور مڃو وڃي ٿو. ان نسبت هندي ۾ هن ڏينهن کي گُرو وار چوندا آهن.
جامع سنڌي لغت مطابق؛
سنواريووِسپَتِ
ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.