سکر
سکر[lower-alpha 1] پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي، تاريخي شهر روهڙي جي بلڪل سامهون واقع آهي. سکر آبادي جي لحاظ کان ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پوءِ سنڌ جو ٽيون وڏو شهر آهي، ۽ آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جو 17هون وڏو شهر آهي.[3][4] هي شهر اصل ۾ سنڌ جي راءِ گهراڻي قائم ڪيو هو. جديد شهر 1840ع واري ڏهاڪي ۾ تعمير ڪيو ويو.[5] نئون سکر برطانوي دور ۾ سکر ڳوٺ جي ڀرسان قائم ڪيو ويو. سکر جي ٽڪري، بکر جي درياهي ٻيٽ تي موجود ٽڪري سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن "سنڌ جو دروازو" سمجهي ويندي آهي.[6]
سکر
| ||||||
|---|---|---|---|---|---|---|
مٿان کان گهڙيءَ جي رخ موجب: لينسڊائون پل ۽ جديد ايوب پل؛ بهار جا گل؛ آءِ بي اي يونيورسٽي؛ ۽ سکر بئراج جو رات وارو منظر | ||||||
| Coordinates: 27°42′22″N 68°50′54″E / 27.70611°N 68.84833°E | ||||||
| ملڪ | ||||||
| صوبو | ||||||
| ڊويزن | سکر | |||||
| ضلعو | سکر | |||||
| حڪومت | ||||||
| • طرز | ميونسپل ڪارپوريشن | |||||
| • سکر جو ميئر | ارسلان شيخ[1] | |||||
| • ڪمشنر | فياض حسين عباسي (بي پي ايس-20 پي سي ايس) | |||||
| • ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) | فيصل عبدالله چاچڙ (بي پي ايس-20 پي ايس پي) | |||||
| ايراضي | ||||||
| • شهر | 300 چورس ڪلوميٽر (120 چورس ميل) | |||||
| آبادي | ||||||
| • ڪل | 563851 | |||||
| • درجو | 17هون، پاڪستان | |||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | |||||
| وقتي علائقو | UTC+5 (پي ڪي ٽي) | |||||
| پوسٽل ڪوڊ | 65200 | |||||
| ٽائونن جو انگ | 4 | |||||
| صوبائي ٻولي | سنڌي | |||||
| مقامي ٻولي | سنڌي | |||||
| يونين ڪائونسلن جو انگ | 20 | |||||
| ويب سائيٽ | smc | |||||
| "ضلعي بابت". ضلعي حڪومت سکر. اصل نسخو مان 9 February 2012 تي محفوظ ڪيل. | ||||||
سکر پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ڪراچيءَ۽ حيدرآباد کانپوءِ ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي.ھي شھر سنڌو درياءَ جي اولهندي ڪپ تي واقع آهي . درياء جي اوڀر واري ڪپ تي تاريخي شھر روھڙي واقع آهي . اھي ٻئي شھر پلين وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. سکر جو شهر سکر بيراج جي ڪري پڻ مشهور آهي جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو بيراج آهي جنھن کي 66 دروازا آهن.انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي۽ ڊويزن جي حيثيت رکي ٿو.ھيشھر آبادي۾ پاڪستان جو ٻارهون وڏو شهر آهي.[7]

نالي جو بنياد
سنواريوسکر جو نالو سنڌي ٻولي جي لفظ سکر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ اعليٰ آهي.[8] سکر جي نالي بابت مختلف رايا موجود آهن. هڪ راءِ موجب "سکر" سنڌي ٻوليءَ جي لفظ سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي معنيٰ پاڻيءَ جي موجودگي يا پاڻيءَ تائين رسائي واري جاءِ سمجهي وڃي ٿي، جيڪا سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر جي تاريخي اهميت سان مطابقت رکي ٿي. ڪجهه محققن موجب نالو سنڌي لفظ سُکّ يا سُڪّو مان نڪتل آهي، جيڪو خشڪ يا بنجر علائقي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ۽ ان لحاظ کان سکر اهڙي هنڌ کي ظاهر ڪري ٿو جتي خشڪ خطي ۾ پاڻي آسانيءَ سان دستياب هجي. شهر جي نالي جو تعلق مقامي جاگرافيائي حالتن ۽ سنڌو درياهه سان ان جي ويجهي وابستگي سان جوڙيو وڃي ٿو.[9]
تاريخ
سنواريوسکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو قديم زماني کان واپار، حڪمراني ۽ فوجي اهميت جو مرڪز رهيو آهي. اروڙ، جنهن کي الور يا الرور به لکيو ويو آهي، قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. روايتن موجب جڏهن سڪندر اعظم 326 ق م ۾ هن علائقي ۾ پهتو، تڏهن اروڙ مقامي حڪمران موسيڪانوس جي راڄڌاني هئي. راءِ گهراڻي هتي شِوَ جو هڪ وڏو مندر تعمير ڪرايو.
سکر، سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي روهڙي جي سامهون واقع آهي. قديم دور ۾ هي بکر جي علائقي سان لاڳاپيل هو، پر نادر شاهه جي دور کان پوءِ شڪارپور واري انتظامي حد ۾ شامل ٿيو. هاڻوڪي پراڻي سکر کي اصل سکر سمجهيو وڃي ٿو. سکر جي اولهه طرف آدم شاهه جي ٽڪري واقع آهي، جتي آدم شاهه عباسيءَ جو مقبرو آهي، جيڪو ڪلهوڙن جو وڏو ڄاتو وڃي ٿو.[10]
711ع ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ سکر سميت سنڌ جو وڏو حصو ۽ ڏکڻ پنجاب اموي خلافت جو حصو بڻيا. عربن جي فتح کان پوءِ منصوره سنڌ جو اهم شهر بڻيو، پر اروڙ ڪجهه عرصي تائين آباد رهيو. بعد ۾ درياهه جي وهڪري جي تبديلي ۽ آباديءَ جي لڏپلاڻ سبب شهر جي اهميت گهٽجي وئي. ڪجهه روايتن موجب روهڙي جو نالو به الرور يا رور مان نڪتل آهي، جڏهن ته عربي ماخذن ۾ ان کي لوهري لکيو ويو.[10]
اروڙ
سنواريواروڙ مقامي روايتن موجب دلوراءِ راجا جي ظلم سبب ويران ٿيو. اروڙ جي مشهور شخصيتن ۾ قاضي اسماعيل، شيخ محمود قطب، ڇٽو امراني، قاضي ستابه ۽ شاهه شڪر گنج شامل آهن. قاضي اسماعيل جي اولاد وٽ عربن جي فتح ۽ سنڌ جي تاريخ بابت احوال موجود هو، جنهن تان علي بن حامد ڪوفي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ چچ نامو ترتيب ۾ آيو. شيخ محمود قطب جو مقبرو اتي زيارتگاهه طور مشهور آهي. شاهه شڪر گنج جو مقبرو اڳوڻي درياهه جي ڪناري تي هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.[10]
ارغون، مغل ۽ ڪلهوڙا دور
سنواريوجڏهن بکر هڪ اهم شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر ان جي ويجهو هڪ ننڍو ڳوٺ هو. 927ھ، يعني 1529ع ڌاري، مرزا شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن جي بغاوت ٿي. مرزا شاهه بيگ ٺٽي مان بکر ڏانهن ايندي سکر ۾ ترسيو. سلطان محمود خان بکر واري، ان بغاوت کي ختم ڪرائي 27 ڌاريجن سردارن کي قتل ڪرايو ۽ انهن جي لاشن مٿان هڪ ٺلهه ٺهرايو، جنهن کي خوني ٺلهه يا خوني منارو سڏيو ويو.
مير معصوم شاهه بکري، اڪبر بادشاهه جي دور ۾ بکر جو نواب هو. هن بکر جي قلعي کي پڪو ڪرايو ۽ پڪين سرن جو هڪ منارو تعمير ڪرايو. روايت موجب اهو منارو 1002ھ، يعني 1593ع ۾ شروع ٿيو ۽ مير معصوم شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ان کي مڪمل ڪرايو. مير معصوم شاهه ۽ سندس پٽ جون قبرون پڻ اتي آهن. مير معصوم شاهه ڪيترين عمارتن، مسجدن ۽ مسافر خانن جي تعمير سان پڻ منسوب آهي. پراڻي سکر واري جامع مسجد سندس والد سيد صفائيءَ سان منسوب ڪئي وڃي ٿي.[10]
983ھ، يعني 1575ع ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. پوءِ بادشاهي حڪم موجب بکر ۽ لوهري محب علي خان ۽ مجاهد خان جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيسو خان وٽ رڳو سکر رهيو. 998ھ، يعني 1589ع ڌاري، خان خانان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي جاگير ڏني. آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهادت کان پوءِ سندس وصيت موجب سندس لاش بکر آندو ويو ۽ سکر جي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا اڄ تائين آدم شاهه جي ٽڪري سڏجي ٿي.
1168ھ، يعني 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي ديوان گدو مل کي احمد شاهه دوراني ڏانهن موڪليو. ديوان گدو مل سکر ۾ احمد شاهه دوراني سان مليو، پر بادشاهه ميان نور محمد ڪلهوڙي تي ناراض هو ۽ پهرين ٽن ڏينهن تائين ديوان سان ملاقات نه ڪيائين. بعد ۾ نوشهري ۾ ملاقات ٿي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حق ۾ حڪم حاصل ڪيو ويو.
سکر جي تاريخي شخصيتن ۾ شاهه خيرالله يا شاهه خيرالدين خاص اهميت رکي ٿو. هو احمد شاهه جو پٽ ۽ پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو. روايت موجب هو 911ھ ۾ بغداد ۾ ڄائو، حج ۽ مديني ۾ علمي تحصيل کان پوءِ عرب ۽ عجم جي سير سفر تي نڪتو ۽ آخرڪار سکر ۾ اچي آباد ٿيو. هن سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ کي پنهنجي عبادت لاءِ پسند ڪيو، جيڪا پوءِ شاهه جو جبل سڏجڻ لڳي. سندس وفات رمضان 1027ھ، يعني 1617ع ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو ساڳئي جبل تي آهي.[10]
ٻين تاريخي شخصيتن ۾ ميرڪ بايزيد بن ميرڪ ابو سعيد سبزواري عربشاهي، سندس ڀاءُ ميرڪ شيخ محمود، مير عبدالباقي، مير عاقل شاهه، مير محمد حسين، مير محمد زڪريا، مير علي شير ۽ حڪيم مير محمد يعقوب شامل آهن. ميرڪ بايزيد مرزا شاهه بيگ ارغون سان سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۽ سکر جو شيخ الاسلام مقرر ٿيو.[10]
برطانوي دور
سنواريو1809ع کان 1824ع تائين سکر خيرپور رياست جي ميرن جي قبضي هيٺ رهيو. 1833ع ۾ شاهه شجاع دراني ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ بابت پنهنجون دعوائون ختم ڪرڻ وارو معاهدو ڪيو. 1843ع ۾ چارلس جيمس نيپئر جي قيادت هيٺ برطانوي فوجن ٽالپرن کي مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ شڪست ڏني، جنهن کان پوءِ سکر سميت سڄو سنڌ برطانوي راڄ هيٺ اچي ويو.
1258ھ، يعني 1842ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن هو سکر آيو، جتي مير صوبدار ۽ ڀرپاسي جي ٻين ميرن ساڻس ملاقات ڪئي. 1839ع ۾ فوجي گيريزن جي قيام کان اڳ پراڻو سکر هڪ ننڍو ڳوٺ هو. 1845ع ۾ اها فوجي گيريزن ختم ڪئي وئي.[11]
سنڌ ۾ برطانوي راڄ دوران سکر ڳوٺ جي ڀرسان نئون سکر آباد ڪيو ويو. سکر جي ٽڪريءَ ۽ درياهه جي ٻيٽ بکر کي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جو دروازو به سڏيو ويندو هو.[12]
ٻارهين صدي عيسويءَ کان پراڻو سکر سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي هڪ واپاري دريائي بندر ۽ زرعي جنسن جي واپار جو مرڪز هو. شهر ڪنهن زماني ۾ کجين جي وڻن سان گهيريل هوندو هو. 1607ع ۾ مير معصوم شاهه بکري هڪ 86 فٽ اوچو منارو تعمير ڪرايو، جيڪو سندس نالي سان منسوب آهي.

1862ع ۾ سکر ميونسپلٽي قائم ڪئي وئي.[13] 1889ع ۾ لينسڊائون پل ذريعي سکر کي پهريون ڀيرو روهڙي سان ڳنڍيو ويو.

سکر ضلعو شروع ۾ شڪارپور ضلعي جو حصو هو. 1901ع ڌاري شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري ان مان ٻه ضلعا، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو، ٺاهيا ويا. پير علي محمد راشدي موجب سکر جي ڪليڪٽرن ۾ ڪرنل ميهو اهڙو عملدار هو، جنهن سکر کي جديد صورت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.[14]
1932ع ۾ سکر بئراج جي تعمير کان پوءِ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زرعي ۽ معاشي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام وقت شهر جي مسلمان اڪثريت آل انڊيا مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ جي حمايت ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترائي هندو ۽ سک هندستان لڏي ويا، جڏهن ته هندستان مان آيل مسلمان مهاجر سکر ۾ اچي آباد ٿيا.
سکر بئراج
سنواريوسکر بئراج، جنهن کي شروع ۾ لائڊ بئراج سڏيو ويو، برطانوي دور ۾ تعمير ٿيو. بئراج جي ڊيزائن سر آرنلڊ مسٽو تيار ڪئي ۽ ان جي تعمير سر چارلٽن هيريسن جي هدايتن هيٺ ڪئي وئي. تعمير 1923ع ۾ شروع ٿي ۽ 1932ع ۾ مڪمل ٿي. هي بئراج سنڌ جي وڏي آبپاشي نظام جو مرڪزي ڍانچو آهي ۽ ان جي ڪئنالن جي مدد سان لکين ايڪڙ زرعي زمين آباد ٿئي ٿي.[15][16]

1947ع ۾ پراڻي سکر جي آبادي لڳ ڀڳ ڏهه هزار ۽ نئين سکر جي آبادي لڳ ڀڳ اسي هزار هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان مان آيل مسلمان مهاجرن سبب شهر جي آبادي ۾ اضافو ٿيو. 1950ع ۾ هتي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽ، يعني سائيٽ، قائم ڪئي وئي. 1962ع ۾ سنڌو درياهه مٿان لينسڊائون پل جي ويجهو هڪ ٻي پل تعمير ڪئي وئي، جنهن کي ايوب پل جو نالو ڏنو ويو.
برطانوي دور جا ڪليڪٽر
سنواريوسکر جي برطانوي دور وارن ڪليڪٽرن ۾ آٽو راٿفيلڊ قابل ذڪر آهي. هو هڪ علم دوست انگريز عملدار هو ۽ مقامي ريتن رسمن ۽ سماجي زندگيءَ بابت تحقيق ۾ دلچسپي رکندو هو. هن Women of India سميت ڪيترائي ڪتاب لکيا. ڪليڪٽريءَ جي دور ۾ هو مقامي خاندانن ۽ شريفزادن جي همت افزائي ڪندو هو ۽ مقامي ثقافت بابت معلومات گڏ ڪندو رهندو هو.[14]
سکر جو ٻيو اهم ڪليڪٽر ڊاڪٽر سارلي هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو. پير علي محمد راشدي موجب سکر ۾ ڪليڪٽر طور مقرريءَ دوران به هو شاهه عبداللطيف بابت خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو رهيو. انتظامي معاملن ۾ هو سخت مزاج هو ۽ غلط ڪم ڪندڙ بااثر ماڻهن کي به معاف نه ڪندو هو.[14]
سکر جي ميونسپلٽي
سنواريوسکر ميونسپلٽي 1856ع ۾ قائم ٿي، جڏهن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 12 هزار هئي. شروعاتي دور ۾ حڪومت شهر واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي ۽ صدارت شڪارپور ۾ رهندڙ ڪليڪٽر وٽ هوندي هئي. 1883ع ۾ سکر ضلعو بڻجڻ کان پوءِ 1884ع ۾ پهريون ڀيرو شهر واسين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو، پر صدر اڃا به ڪليڪٽر ئي هوندو هو.[17]
راءِ صاحب ديوان پيسو مل ذوقيرام پهريون مقامي شهري هو، جيڪو ميونسپلٽي جي صدارت تي ويٺو. 1911ع ۾ شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشهور وڪيل ديوان ڀوڄسنگهه صدر چونڊيو ويو. هو 1914ع تائين صدر رهيو، ۽ 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو ڀيرو پڻ صدر رهيو. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ صوبو بڻيو، تڏهن ديوان ڀوڄسنگهه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر ٿيو. هو ميونسپل جنرل لائبريري جو چيئرمين پڻ رهيو.[17]
ديوان ڀوڄسنگهه جي چيئرمينيءَ واري دور ۾ سکر جنرل لائبريري وڏي ترقي ڪئي ۽ ان ۾ مختلف فنن ۽ موضوعن تي لڳ ڀڳ پنج هزار ڪتاب موجود هئا. 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ دوران ڪيترائي قيمتي ڪتاب ۽ نسخا پڻ هليا ويا.[17]
1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش، سي آءِ اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر، سکر ميونسپلٽي جو صدر رهيو. 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگهه، پبلڪ پراسيڪيوٽر، صدر رهيو، جڏهن ته 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي، وڪيل، صدر رهيو. مولائي شيدائي موجب 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي عرصي ۾ فقط هڪ ڀيرو مسلمان صدر ٿيو، جڏهن ته باقي عرصي ۾ هندو اڳواڻ ميونسپلٽي جي صدارت ڪندا رهيا.[17]
بجلي گهر
سنواريو1922ع ۾ سکر بجلي گهر قائم ڪيو ويو، جنهن کي وقت سان گڏ ضرورت موجب وڌايو ويو. ورهاڱي کان پوءِ نون ڪارخانن جي قيام سبب شهر ۾ بجليءَ جو استعمال وڌڻ لڳو، جڏهن ته پراڻين مشينن ۾ وڌندڙ بار کڻڻ جي صلاحيت نه رهي. ان ڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان تحت ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي وچ ۾ ٿرمل پاور اسٽيشن جي تعمير لاءِ معاهدو ڪيو ويو.[17]
هن منصوبي تي 5 ڪروڙ 38 لک 40 هزار روپيا غير ملڪي زرمبادلي جي صورت ۾ خرچ ٿيڻا هئا، جيڪي ڪئناڊا حڪومت طرفان مهيا ٿيڻا هئا. ٺيڪو مانٽريل، ڪئناڊا جي اسٽيڊلر هرٽر انٽرنيشنل ڪمپني کي ڏنو ويو. ان وقت اتر سنڌ جي 13 شهرن، جن ۾ دادو، ڳڙهي ياسين، جيڪب آباد، گمبٽ، خيرپور، ڪوٽڏيجي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، روهڙي، رتوديرو، شڪارپور ۽ ٺارو شاهه شامل هئا، کي گهڻو ڪري ننڍين ۽ غير منافع بخش ڊيزل مشينن ذريعي بجلي ڏني ويندي هئي.[17]
نئين بجلي گهر ذريعي باڊهه، چڪ، ڏوڪري، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌرا، ڪنڊيارو، ڪنڌڪوٽ، خانپور، کهڙا، خيرپور ناٿن شاهه، نوشهرو فيروز، مورو، نصير آباد، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، پنو عاقل، ٺل، اوٻاوڙو، راڌڻ، غوثپور، لکي، مديجي، سلطان ڪوٽ ۽ نئون ديرو سميت ڪيترن شهرن کي بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو هو. منصوبي موجب 157 ميلن تي 66,000 وولٽ جون لائينون، 80 ميلن تي 11,000 وولٽ جون لائينون، ۽ ساڳئي فاصلي تي 400 وولٽ جون گهٽ طاقت واريون لائينون وڇائڻ شامل هو.[17]
جاگرافي
سنواريوسکر، سنڌ صوبي جو هڪ اهم شهر آهي، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر حصي ۾ سنڌو درياهه جي اولهندي ڪناري تي واقع آهي. شهر درياهه جي ٻئي پاسي واقع روهڙي سان هڪ ڪينٽيليور پل وسيلي ڳنڍيل آهي. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ درياهه جي وهڪري اندر بکر جو تاريخي ۽ فوجي اهميت وارو ٻيٽ-قلعو واقع آهي.[18]
جنهن ننڍڙي ايوسين دور جي چن پٿر واري ٽڪريءَ تي سکر جو بنياد وڌو ويو، اها سنڌو ماٿريءَ جي سنڌ ۽ پنجاب وارن وسيع ميداني علائقن ۾ سڀ کان نمايان زميني اُڀار (Landform) سمجهي وڃي ٿي.[19] هي اُڀار جيڪب آباد–خيرپور هاءِ ۽ روهڙي ٽڪرين جو حصو آهي.[19]
هي ٽڪري، بکر ٻيٽ تي موجود ساڳئي قسم جي ٽڪريءَ سان گڏ، ڪڏهن ڪڏهن "سکر گھاٽي" (Sukkur Gorge) جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي ۽ تاريخي طور سنڌ جي روايتي اترين حد طور اهميت رکي ٿي.[20]

آس پاس جو علائقو
سنواريوسکر جي ڀرپاسي وارو علائقو هڪ وسيع جلوندي ميدان (Alluvial Plain) تي مشتمل آهي، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن هيٺاهين چن پٿر وارين ٽڪرين ٽوڙي ڇڏين ٿيون. اتر طرف لوڻياڻا علائقا (ڪَلَر) موجود آهن، جڏهن ته اوڀر طرف ٿر ريگستان واقع آهي.[18]
سياست
سنواريو
سکر شهر سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف صوبائي تڪن ذريعي نمائندگي حاصل ڪري ٿو. شهر جا شهري ۽ ڀرپاسي وارا علائقا بنيادي طور پي ايس-24 سکر-III ۽ پي ايس-25 سکر-IV ۾ شامل آهن. عام چونڊون 2024ع کان پوءِ پي ايس-25 سکر-IV مان سيد ناصر حسين شاهه رضوي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو آهي. هو 2024ع کان سنڌ اسيمبليءَ ۾ هن تڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي[21].
آبهوا
سنواريوسکر جي آبهوا گرم ريگستاني آبهوا (BWh، ڪوپن آبهوا درجابندي) واري آهي، جيڪا انتهائي گرم ۽ ڌنڌلي اونهارين ۽ نرم، ڪڏهن ڪڏهن ڪوهيڙي واري سياري سان سڃاتي وڃي ٿي. سکر پنهنجي انتهائي گرميءَ واري اونهاري سبب مشهور آهي ۽ برطانوي هندستان جي دور ۾ ان کي سڀ کان گرم شهرن مان هڪ قرار ڏنو ويو هو.[11]
سڄي سال دوران هتي هوائن جي رفتار نسبتاً گهٽ رهندي آهي، جڏهن ته سج جي روشني تمام گهڻي ملي ٿي. اونهاري ۾ گرمي پد باقاعدي 50 °C (122 °F) کان به مٿي هليو ويندو آهي. خشڪ گرمي اپريل کان شروع ٿي جون جي شروعات تائين جاري رهندي آهي، جنهن کان پوءِ مون سون جي موسم پهچڻ لڳندي آهي.
سکر ۾ مون سون جي برساتون گهڻيون تيز نه هونديون آهن، پر هوا ۾ نميءَ جو تناسب وڌي ويندو آهي، جنهن سبب گرمي وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. سيپٽمبر تائين مون سون جي اثرن ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي، جڏهن ته آڪٽوبر جي آخر ۾ مختصر خزاني جي موسم کان پوءِ ٿڌو سيارو شروع ٿيندو آهي.[22]
سکر ۾ سالياني اوسط برسات 159.6 mm (6.28 in) آهي، جيڪا گهڻو ڪري مون سون جي موسم دوران پوي ٿي. هتان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سالياني برسات 698 mm (27.5 in) 2022ع ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 1941ع ۾ سالياني برسات جو مقدار صفر ملي ميٽر رهيو.
| موسمي رڪارڊ : سکر | |||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
| وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) | 31.0 (87.8) |
38.0 (100.4) |
45.0 (113) |
49.0 (120.2) |
50.5 (122.9) |
50.5 (122.9) |
46.5 (115.7) |
44.5 (112.1) |
43.5 (110.3) |
41.6 (106.9) |
37.2 (99) |
31.0 (87.8) |
50.5 (122.9) |
| اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
24.8 (76.6) |
26.2 (79.2) |
32.4 (90.3) |
39.2 (102.6) |
43.3 (109.9) |
43.2 (109.8) |
41.0 (105.8) |
39.1 (102.4) |
37.9 (100.2) |
35.6 (96.1) |
30.3 (86.5) |
24.8 (76.6) |
34.82 (94.67) |
| روزاني سراسري°C (°F) | 16.5 (61.7) |
18.2 (64.8) |
23.9 (75) |
30.1 (86.2) |
34.6 (94.3) |
35.7 (96.3) |
34.7 (94.5) |
33.2 (91.8) |
31.4 (88.5) |
27.8 (82) |
21.7 (71.1) |
16.5 (61.7) |
27.02 (80.66) |
| گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
8.3 (46.9) |
10.2 (50.4) |
15.4 (59.7) |
21.1 (70) |
25.9 (78.6) |
28.3 (82.9) |
28.4 (83.1) |
27.3 (81.1) |
24.9 (76.8) |
20.0 (68) |
13.2 (55.8) |
8.3 (46.9) |
19.28 (66.68) |
| گھٽ ۾ گھٽ رڪارڊ°C (°F) |
1.0 (33.8) |
0.5 (32.9) |
3.0 (37.4) |
9.5 (49.1) |
16.5 (61.7) |
19.5 (67.1) |
20.8 (69.4) |
17.5 (63.5) |
19.5 (67.1) |
12.4 (54.3) |
5.0 (41) |
−1.5 (29.3) |
−1.5 (29.3) |
| سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 3.5 (0.138) |
7.0 (0.276) |
6.8 (0.268) |
5.7 (0.224) |
15.0 (0.591) |
24.5 (0.965) |
40.8 (1.606) |
40.4 (1.591) |
0.9 (0.035) |
3.0 (0.118) |
10.6 (0.417) |
9.4 (0.37) |
167.6 (6.599) |
| سراسري مينھن | 0.3 | 0.6 | 0.8 | 0.4 | 0.4 | 3.5 | 4.0 | 2.6 | 0.1 | 0.1 | 0.1 | 0.3 | 13.2 |
| نسبتي گھم جي سراسري
(%) |
52 | 48 | 39 | 28 | 29 | 38 | 49 | 56 | 52 | 46 | 47 | 52 | 44.7 |
| اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
276 | 294 | 318 | 345 | 363 | 372 | 357 | 336 | 321 | 309 | 288 | 276 | 3,855 |
| Source #1: پاڪستان موسميات کاتو (1991–2020)[23] | |||||||||||||
|
ذريعو #2: ڪلائيميٽ-ڊيٽا[24] | |||||||||||||
آباديات
سنواريو| Year | Pop. | ±% p.a. |
|---|---|---|
| 1872 | 38,107 | — |
| 1881 | 42,496 | +1.22% |
| 1891 | 42,004 | −0.12% |
| 1901 | 49,491 | +1.65% |
| 1911 | 53,944 | +0.87% |
| 1921 | 55,503 | +0.29% |
| 1951 | 218,320 | +4.67% |
| 1961 | 272,270 | +2.23% |
| 1972 | ... | — |
| 1981 | ... | — |
| 1998 | 374,550 | — |
| 2017 | 551,357 | +2.06% |
| 2023 | 563,851 | +0.37% |
سکر ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پوءِ سنڌ جو ٽيون وڏو شهر آهي.[4] 2023ع پاڪستان جي مردم شماري موجب سکر جي آبادي 563,851 هئي.
مذهب
سنواريوشهر جي لڳ ڀڳ 96 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته باقي 4 سيڪڙو آبادي ٻين اقليتي برادرين تي مشتمل آهي، جن مان وڏي اڪثريت هندو مذهب سان واسطو رکي ٿي.
| مذهبي گروهه |
1881[25] | 1891[26] | 1901[27] | 1911[28] | 1921[29] | 1931[30] | 1941[31] | 2017[32] | 2023[33] | ||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | Pop. | % | ||
| اسلام |
14,118 | 51.55% | 11,866 | 40.5% | 11,386 | 36.36% | 13,253 | 37.55% | 16,329 | 38.19% | 27,642 | 39.9% | 18,152 | 27.31% | 486,710 | 95.8% | 544,308 | 95.63% | |
| هندومت | 12,838 | 46.87% | 16,945 | 57.83% | 19,313 | 61.67% | 21,392 | 60.61% | 25,368 | 59.33% | 38,890 | 56.14% | 46,467 | 69.91% | 18,645 | 3.67% | 21,322 | 3.75% | |
| عيسائيت |
383 | 1.4% | 423 | 1.44% | 339 | 1.08% | 163 | 0.46% | 302 | 0.71% | 525 | 0.76% | 353 | 0.53% | 2,176 | 0.43% | 3,095 | 0.54% | |
| زرتشتي مذهب |
50 | 0.18% | 54 | 0.18% | 54 | 0.17% | 74 | 0.21% | 101 | 0.24% | 111 | 0.16% | 53 | 0.08% | N/A | N/A | 0 | 0% | |
| يهوديت |
0 | 0% | 14 | 0.05% | 13 | 0.04% | 0 | 0% | 0 | 0% | 8 | 0.01% | 8 | 0.01% | N/A | N/A | N/A | N/A | |
| ڪل آبادي | 27,389 | 100% | 29,302 | 100% | 31,316 | 100% | 35,294 | 100% | 42,759 | 100% | 69,277 | 100% | 66,466 | 100% | 508,030 | 100% | 569,152 | 100% | |
| 1881ع–1941ع: انگ اکر سکر شهر جي مڪمل آبادي لاءِ آهن، جنهن ۾ سکر ميونسپلٽي شامل هئي. 2017ع–2023ع: نئون سکر تعلقو ۽ سکر سٽي تعلقي جي شهري آبادي. | |||||||||||||||||||
ٻوليون
سنواريوسکر سٽي تعلقو، نئون سکر تعلقو ۽ روهڙي ميونسپل ڪارپوريشن جون ٻوليون (2023ع)
آبادي جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو حصو سنڌي کي پنهنجي مادري ٻولي طور ڳالهائي ٿو، جڏهن ته 17.1 سيڪڙو اردو، 2.6 سيڪڙو پنجابي، 1.3 سيڪڙو سرائڪي ۽ 1.1 سيڪڙو بلوچي ڳالهائين ٿا. باقي 2.21 سيڪڙو آبادي مختلف ٻوليون ڳالهائي ٿي، جن ۾ خاص طور پشتو ۽ براهوي شامل آهن.[lower-alpha 3][34][35]
معيشت
سنواريوسکر جي معيشت گهڻو ڪري اتر سنڌ جي زرعي زمينن مان حاصل ٿيندڙ زرعي پيداوار تي دارومدار رکي ٿي، ۽ شهر زرعي شين جي واپار ۽ پروسيسنگ جو مرڪز طور ڪم ڪري ٿو.[36]
صنعت
سنواريوسکر هڪ اهم صنعتي ۽ تجارتي مرڪز آهي. هتي بسڪيٽن، سگريٽن، تيل، چوني ۽ سيمينٽ جا ڪارخانا موجود آهن. ان کان سواءِ ڪپهه، ريشم، ڌاڳي ۽ اٽي جون ملون پڻ قائم آهن. ٻيڙيون ٺاهڻ جي صنعت به شهر جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سکر انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ قائم ڪئي وئي، جتي اون، تيل وارن ٻجن ۽ کلن جهڙين مقامي شين جي پروسيسنگ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون ويون.[18]. سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ (سائيٽ) سکر، جيڪا 1963ع ۾ قائم ڪئي وئي، لڳ ڀڳ 1,060 ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ 100 کان وڌيڪ يونٽ موجود آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري زراعت سان لاڳاپيل صنعتون آهن، جهڙوڪ ڪپهه جي جننگ، ڀاڄين جي تيل ۽ گيهه جا ڪارخانا، اٽي جون ملون، بسڪيٽ جا ڪارخانا، مثال طور ڪانٽينينٽل بسڪيٽس/ايل يو، ۽ مشروبات جا ڪارخانا، مثال طور پيپسيڪو.[37][38] هڪ ننڍي سمال انڊسٽريز اسٽيٽ (ايس آءِ اي) 110 ايڪڙن تي پکڙيل آهي.[39] اهي صنعتي علائقا اتر سنڌ ۾ پيداوار، روزگار ۽ واپار کي هٿي ڏين ٿا. شهر ۾ ڪنهن زماني ۾ ٻيڙيون ٺاهڻ جي هڪ سرگرم صنعت به موجود هئي.[40]
سکر روڊن ۽ ريل ذريعي پاڪستان جي باقي حصن سان چڱيءَ طرح ڳنڍيل آهي، جنهن سبب ڪيميائي شين جي پيداوار، ڌاتو ڪاريگري ۽ سيمينٽ جي پيداوار جهڙيون نيون صنعتون به هتي آيون آهن.[36]
واپار
سنواريوزراعت
سنواريوسکر وٽ وسيع زرخيز ۽ پوک لائق زمين آهي. خريف جي موسم ۾ چانور، ٻاجهري، ڪپهه، ٽماٽا ۽ مٽر پوکيا ويندا آهن، جڏهن ته ربيع جي موسم ۾ ڪڻڪ، جَوَ، چڻا ۽ گدرا مکيه فصل آهن. سکر دنيا ڀر ۾ پنهنجي کجين جي ڪري مشهور آهي. سکر وٽ سنڌو درياهه جي وهڪري سان گڏ هڪ وڏو درياهي ٻيلو پڻ آهي. اهي استوائي ٻيلا سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن تي حفاظتي بندن جي اندر موجود آهن. 1997ع–98ع دوران ٻيلن هيٺ ڪل ايراضي 510 چورس ڪلوميٽر (200 چورس ميل) هئي، جنهن مان ٻين ٻيلن جي پيداوار کان علاوه 55,000 cubic feet (1,600 m3) ڪاٺ ۽ 27,000 cubic feet (760 m3) ٻارڻ لاءِ ڪاٺ حاصل ٿيو.[41]
دستڪاري
سنواريوسکر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ چمڙي، مٽيءَ ۽ ڌاتوءَ جي دستڪاري عام آهي. ڪپهه ۽ ريشم جي ڪپڙي جي تياري پڻ مقامي صنعت جو اهم حصو آهي. ان کان علاوه پائيپ پيالا، ناس جا دٻا ۽ قينچيون به هتي تيار ڪيون وينديون آهن.[18] سکر روايتي سنڌي دستڪارين جو هڪ اهم مرڪز شمار ڪيو وڃي ٿو، جتي مقامي عورتون نسل در نسل منتقل ٿيندڙ هنر کي زنده رکندي مختلف ثقافتي ۽ گهريلو شيون تيار ڪن ٿيون. هتي هٿ سان اُڻيل ٽوڪريون، رلھيون، قالين، غاليچا، شالون ۽ آرائشي شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پاڪستان جي مختلف مارڪيٽن ۾ وڪرو ٿين ٿيون. سکر جون ڪاريگر عورتون نفيس ڀرت، شيشي جي ڪم (شِيشا ورڪ) ۽ سنڌ جي مشهور اجرڪ مان متاثر جاميٽري نمونن جي تياريءَ ۾ خاص مهارت رکن ٿيون. هي دستڪاريون نه رڳو مقامي خاندانن لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو آهن، پر سنڌ جي ثقافتي ورثي ۽ روايتي فنون کي محفوظ رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڪيترين ئي ٻهراڙيءَ وارين ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان اهي هنر سيکاريا ويندا آهن، جنهن سان هن دستڪاري روايت جو تسلسل برقرار رهي ٿو.[42] ```0
آمدورفت
سنواريوروڊ
سنواريوسکر ملتان سان ايم-5 موٽر وي ذريعي ڳنڍيل آهي، جتان اڳتي موٽر وي ذريعي لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور تائين رسائي حاصل ٿئي ٿي. سکر کي حيدرآباد سان پڻ ايم-6 موٽر وي ذريعي ڳنڍڻ جو منصوبو آهي، جتان ايم-9 موٽر وي وسيلي ڪراچي تائين رابطو قائم ٿيندو. ايم-5 موٽر وي مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايم-6 موٽر وي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبي جي حصي طور تعمير هيٺ آهي.
ريل
سنواريوسکر ريلوي اسٽيشن شهر جي مکيه ريلوي اسٽيشن آهي. مسافرن لاءِ ريل جون خدمتون رڳو پاڪستان ريلويز طرفان مهيا ڪيون وڃن ٿيون. سکر ريلوي اسٽيشن تان جعفر ايڪسپريس هلندي آهي، جيڪا راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ سفر ڪري ٿي. سکر ايڪسپريس ڪراچي ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ هلندي آهي، جڏهن ته اڪبر ايڪسپريس ڪوئيٽا ۽ پشاور جي وچ ۾ هلندي آهي.
هوائي آمدورفت
سنواريوسکر هوائي اڏو شهر کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽر پري واقع آهي. هتان پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جون سڌيون اڏامون ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ڏانهن هلن ٿيون.
تعليم
سنواريو
سکر آءِ بي اي يونيورسٽي (اڳوڻو نالو: سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن يا سکر آءِ بي اي) هڪ واپاري ۽ انتظامي تعليم جو ادارو آهي، جيڪو 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو. پاڪستان جي اعليٰ تعليم ڪميشن جي 2013ع واري بزنس اسڪول درجابنديءَ موجب، هي ادارو پاڪستان جي پنج خودمختيار واپاري تعليمي ادارن ۾ ٽئين نمبر تي رکيو ويو هو.[43] [مشڪوڪ ]
بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي عورتن لاءِ مخصوص سرڪاري شعبي جي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي روهڙي بائي پاس تي اين-5 قومي شاهراهه جي ڀرسان 50 ايڪڙ زمين تي قائم ڪئي وئي آهي.
غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو هڪ جزوي ڪاليج آهي.[44]
اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز سکر جي ويجهو روهڙي بائي پاس تي اين-5 قومي شاهراهه وٽ قائم ڪئي وئي آهي. هي يونيورسٽي تعميريات، ڪپڙي جي ڊزائن، فوٽوگرافي، داخلي آرائش، سول انجنيئرنگ، مواصلاتي ڊزائن، سيرامڪس ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ اعليٰ سطح جون تعليمون مهيا ڪري ٿي.
اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جو بنياد سيد حسن ميان ايڊووڪيٽ وڌو. هو پنهنجي وفات تائين ڪاليج جو سرپرستِ اعليٰ رهيو. سيد حسن ميان ايڊووڪيٽ سکر جي معزز خاندانن جي سهڪار سان سکر ۾ 25 اسڪولن ۽ فني تربيت مرڪزن جي قيام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو آل انڊيا مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي هو.
ضياءُ الدين يونيورسٽي جو سکر ڪيمپس پڻ شهر ۾ واقع آهي.
ٻيا تعليمي ادارا
سنواريوسکر ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ڪيترائي تعليمي ادارا موجود آهن، جيڪي پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين سهولتون فراهم ڪن ٿا. شهر جي اهم سرڪاري اسڪولن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 سکر، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول بئراج ڪالوني سکر، گورنمينٽ بوائز ڪمپريهينسو هائير سيڪنڊري اسڪول سکر ۽ گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول لوڪل بورڊ سکر شامل آهن.
نجي شعبي جي مشهور تعليمي ادارن ۾ سينٽ ميريز هاءِ اسڪول سکر، سينٽ زيويئر هاءِ اسڪول سکر، پبلڪ اسڪول سکر، اسڪول آف ايڪسيلينس سکر ۽ اپوا گرلس هاءِ اسڪول سکر قابلِ ذڪر آهن، جيڪي شهر جي تعليمي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سکر ۾ ڪيترائي اهم ڪاليج موجود آهن، جن ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سکر، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سکر، گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر، گورنمينٽ ڪاليج آف فزيڪل ايجوڪيشن سکر، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار مين سکر ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار وومين سکر شامل آهن. اهي ادارا مختلف تدريسي، فني ۽ پيشاورانه شعبن ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪن ٿا.
لائبريريون
سنواريوسکر ۾ مطالعي ۽ علمي سرگرمين جي واڌاري لاءِ ڪجهه اهم لائبريريون پڻ موجود آهن. انهن ۾ مير معصوم شاهه پبلڪ لائبريري ۽ سکر آرٽس ڪائونسل لائبريري نمايان آهن، جيڪي شاگردن، محققن ۽ عام پڙهندڙن کي ڪتابن ۽ علمي مواد تائين رسائي فراهم ڪن ٿيون.
تعليمي بورڊ
سنواريوسکر بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن 8 آڪٽوبر 1979ع تي مٿي ذڪر ڪيل آرڊيننس جي شقن تحت قائم ڪيو ويو. بورڊ جون شروعاتي آفيسون اي. بي. ڊي. لا ڪاليج سکر جي هڪ حصي ۾ قائم ڪيون ويون. بعد ۾ اهي آفيسون ملٽري روڊ، سکر تي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ واقع ڪرائي جي بنگلن ڏانهن منتقل ڪيون ويون. بورڊ 1985ع ۾ پنهنجي موجوده مستقل عمارت ۽ آفيسن ۾ منتقل ٿيو.[45]
صحت
سنواريو
چابلاني ميڊيڪل سينٽر
سنواريو2009ع ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سکر ۾ چابلاني ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيو. هي مرڪز اندرونِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي مريضن کي يورولوجي ۽ نيفرولوجي جون سهولتون فراهم ڪري ٿو. اسپتال ۾ ايمرجنسي، ٻاهرين مريضن جو کاتو، لٿوٽرپسي، 65 مشينن تي مشتمل ڊائلاسس يونٽ، آپريشن ٿيٽر، 210 بسترا، ريڊيولاجي ۽ ليبارٽري جون سهولتون موجود آهن. هتي روبوٽڪ جراحي جون مفت خدمتون پڻ مهيا ڪيون وڃن ٿيون.[46]
سياحت
سنواريو

سکر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ماڳن سبب اتر سنڌ جو اهم سياحتي شهر آهي. سنڌو درياهه جي وچ ۾ واقع ساڌ ٻيلو ٻيٽ هندو ڌرم جي اهم تيرٿ آستانن مان هڪ آهي، جتي مندرن جو وڏو احاطو، لائبريري، باغ ۽ عبادت يا روحاني خلوت لاءِ رهائشي ڪمرا موجود آهن. ساڌ ٻيلو جا مندر اداسي تحريڪ سان لاڳاپيل آهن ۽ هندو ياترين لاءِ خاص اهميت رکن ٿا. شهر ۾ منزل گاهه مسجد پڻ اهم تاريخي مسجد آهي، جيڪا 1598ع ۾ تعمير ٿي. مير معصوم شاهه جو مينار سکر جي سڀ کان نمايان تاريخي نشانين مان هڪ آهي، جيڪو سورھين صديءَ جي سنڌي مؤرخ، شاعر ۽ طبيب مير معصوم شاهه بکري سان منسوب آهي.
سکر ۽ روهڙي جي ڀرپاسي ۾ قديم آثارن ۽ تاريخي عمارتن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. بکر قلعو سنڌو درياهه جي وچ واري ٻيٽ تي واقع هڪ تاريخي قلعي جا آثار رکي ٿو، جڏهن ته اروڙ جا کنڊر سنڌ جي قديم گاديءَ واري شهر جي تاريخي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا. سيد صدرالدين شاهه جو مزار، ستين جو آستان، ۽ غلام علي شاهه جو مقبرو پڻ شهر جي اهم مذهبي ۽ تاريخي ماڳن ۾ شامل آهن. لينسڊائون پل روهڙي ۽ سکر بئراج برطانوي دور جي انجنيئرنگ جا اهم نمونا آهن، جن سکر کي روهڙي سان ڳنڍڻ ۽ سنڌ جي آبپاشي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شهر ۾ تفريحي ۽ ثقافتي ماڳن ۾ لب مهراڻ، سکر ميوزيم ۽ سکر اسٽيڊيم شامل آهن. لب مهراڻ سنڌو درياهه جي ڪناري تي واقع مشهور تفريحي هنڌ آهي، جتي مقامي ماڻهو ۽ سياح درياهي منظرن مان لطف اندوز ٿين ٿا. سکر ميوزيم علائقي جي تاريخ، ثقافت ۽ آثار قديمه بابت مواد محفوظ ڪري ٿو، جڏهن ته سکر اسٽيڊيم راندين ۽ مقامي سرگرمين لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
قابلِ ذڪر شخصيتون
سنواريو- مير محمد معصوم نامي (وفات: 1606ع)، پنهنجي دور جي بکر جي شيخ الاسلام جي گهر ۾ ڄائو. هن تاريخ معصومي (جنهن کي تاريخ سنڌ پڻ چيو وڃي ٿو) تصنيف ڪئي، جيڪا محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ آمد کان سترهين صديءَ جي شروعات تائين سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم ماخذ آهي. سندس طبي ڪتاب مفردات نامي پڻ مشهور آهي. هن شاعريءَ جو هڪ ديوان مرتب ڪيو ۽ سسئي پنهون جي مشهور داستان کي منظوم صورت ۾ پيش ڪيو.[47]
- هيمون ڪالاڻي، آزاديءَ جي تحريڪ سان لاڳاپيل انقلابي ڪارڪن.
- سردار غلام محمد خان مهر، سياستدان.
- سيد ناصر حسين شاهه، سياستدان.
- عبدالحفيظ پيرزادو، قانوندان، سياستدان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير.
- سيد خورشيد احمد شاهه، جون 2013ع کان مئي 2018ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو.
- اسلام الدين شيخ، مارچ 2015ع کان پاڪستان سينيٽ جو ميمبر.
- نعمان اسلام شيخ، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو ميمبر، حلقا اين اي-207 سکر-2 ۽ اين اي-198 سکر-شڪارپور-1 سان لاڳاپيل.
- ڊاڪٽر ثنا رامچند گلواڻي، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ شامل ٿيندڙ پاڪستان جي پهرين هندو عورت سول سرونٽ.
پڻ ڏسو
سنواريوخارجي ڳنڍڻا
سنواريو| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Sukkur. |
- سانچو:Wikivoyage-inline
- District Government Sukkur[مئل ڳنڍڻو]
- Ghulam Muhammad Maher Medical College, Sukkur آرڪائيو ڪيا ويا 2014-06-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ADB Report on Sukkur Barrage 2001
- An Overview of the History and Impacts of the Water Issue in Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Pakistan Floods Situation Report, 26 July 2005 آرڪائيو ڪيا ويا 27 March 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
سنواريو- ↑ "صوبي ۾ مڪاني ادارا مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ٽوڙيا ويا". ڊان. پاڪستان. 1 September 2020. 6 January 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سنڌ: صوبو ۽ وڏا شهر، ميونسپالٽيون ۽ ٽائون". سنڌ: صوبو ۽ وڏا شهر، ميونسپالٽيون ۽ ٽائون. Citypopulation.de. 4 December 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "پاڪستان جي شهرن ۽ ٽائونن جي آبادي جي فهرست". Tageo.com website. 4 December 2021 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "پاڪستان: صوبا ۽ وڏا شهر – آبادي جا انگ اکر، نقشا، چارٽ، موسم ۽ ويب معلومات". citypopulation.de. 4 December 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ مورس, نيل (21 April 2016). "سکر" (en ۾). ڊڪشنري پلس سوشل سائنسز (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس). doi:. https://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780191823534.001.0001/acref-9780191823534-e-1260.
- ↑ برٽن, رچرڊ (1851). سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ نسل. ايشيائي ايڊيوڪيشنل سروسز. ISBN 9788120607583. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: ISBN / Date incompatibility (مدد) - ↑ "Population and growth of major cities" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2015-04-28 تي محفوظ ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ ايورٽ-هيٿ, جان (22 October 2020). "سکر" (en ۾). Concise Oxford Dictionary of World Place Names (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس). doi:. https://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780191823534.001.0001/acref-9780191823534-e-1260.
- ↑ "Sukkur, Sindh, Pakistan". Wisdom Library. 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 6 قليچ بيگ, مرزا (1999). قديم سنڌ: ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (چوٿون ڇاپو). ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
- 1 2 هيوز, البرٽ وليم (1876). A Gazetteer of the Province of Sind. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ برٽن, رچرڊ (1851). Sindh and the Races That Inhabit the Valley of the Indus. Asian Educational Services. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sukkur". Britannica. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 راشدي, پير علي محمد. اھي ڏينھن اھي شينھن. جلد 1 (2000ع ڇاپو). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
- ↑ Kiana, Khaleeq (16 July 2013). "Rule violations threaten Sukkur Barrage". dawn.com. 26 August 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sukku Barrage". اصل نسخو مان 2012-03-30 تي محفوظ ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - 1 2 3 4 5 6 7 مولائي شيدائي, رحيمداد خان (1992ع). تاريخ سکر (پهريون ڇاپو). سنڌي ادبي بورڊ.
- 1 2 3 4 "Sukkur". Encyclopaedia Britannica. 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Shroder Jr., John F. (2002). Himalaya to the Sea: Geology, Geomorphology and the Quaternary. Routledge. ISBN 978-1134919772. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Flint, Eric (2006). The Dance of Time. Baen Books. ISBN 978-1416509318. 19 December 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Syed Nasir Hussain Shah Rizvi – Member, PS-25 Sukkur-IV". Provincial Assembly of Sindh. 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sukkur, Pakistan History". Weather Underground.
- ↑ "ٻوڏ اڳڪٿي ڊويزن، لاهور". 24 February 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سکر جي آبهوا (پاڪستان)". 2 June 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Census of India, 1891. Operations and results in the Presidency of Bombay, including Sind". 1881. ص. 91. JSTOR saoa.crl.25057678. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 June 2024 تي محفوظ ڪيل. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1891). "Census of India, 1891. Vol. VIII, Bombay and its feudatories. Part II, Imperial tables". ص. 22. JSTOR saoa.crl.25352815. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1901). "Census of India 1901. Vols. 9-11, Bombay". ص. 30. JSTOR saoa.crl.25366895. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1911). "Census of India 1911. Vol. 7, Bombay. Pt. 2, Imperial tables". ص. 33. JSTOR saoa.crl.25393770. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1921). "Census of India 1921. Vol. 8, Bombay Presidency. Pt. 2, Tables : imperial and provincial". ص. 27. JSTOR saoa.crl.25394131. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1931). "Census of India 1931. Vol. 8, Bombay. Pt. 2, Statistical tables". ص. 33. JSTOR saoa.crl.25797128. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ India Census Commissioner (1941). "Census of India, 1941. Vol. 12, Sind". ص. 19. JSTOR saoa.crl.28215545. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "مردم شماري 2017 جا حتمي نتيجا، جدول-9: جنس، مذهب ۽ شهري/ڳوٺاڻي ورڇ موجب آبادي". Pakistan Bureau of Statistics. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ستين آبادي ۽ رهائشي مردم شماري – تفصيلي نتيجا، جدول-9: جنس، مذهب ۽ شهري/ڳوٺاڻي ورڇ موجب آبادي". Pakistan Bureau of Statistics. 29 August 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "پهرين ڊجيٽل مردم شماري: ان جي اهميت ۽ طريقيڪار". Pakistan Bureau of Statistics (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-01-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "مادري ٻولي، جنس ۽ شهري/ڳوٺاڻي ورڇ موجب آبادي، مردم شماري 2023" (PDF). www.pbs.gov.pk.
- 1 2 Bowden, Rob (2004). Settlements of the Indus River. Heinemann-Raintree Library. ISBN 978-1403457189. 5 December 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سکر صنعتي انڪليو". سنڌ اڪنامڪ زونز مئنيجمينٽ ڪمپني. December 17, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "سکر صنعتي علائقو". سنڌ جو ورثو. December 17, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "اسٽيٽس". سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن. December 17, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "sukk". - ↑ "پاڪستان جو جائزو". findpk.com. اصل نسخو مان 8 July 2014 تي محفوظ ڪيل. 18 September 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Handcrafted Treasures from Sukkur". Google Arts & Culture. SOCH Outreach Foundation. 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "HEC University Rankings – Top Universities". paked.net.
- ↑ "Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto Medical University". اصل نسخو مان 2 April 2015 تي محفوظ ڪيل. 4 December 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Introduction – Board of Intermediate & Secondary Education Sukkur". Board of Intermediate & Secondary Education Sukkur. Board of Intermediate & Secondary Education Sukkur, Sindh. 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Our Hospitals". Sindh Institute of Urology and Transplantation (SIUT). 13 June 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Nabi Hadi (1995). Dictionary of Indo-Persian Literature. Abhinav Publications. ص. 449. ISBN 978-8-17-017311-3.
- ↑ Sindhi: سکر؛ Urdu: سكھر
- ↑ هن ۾ ذاتي هندو، درج فهرست ذاتيون، قبائلي برادريون، نانڪ پنٿي، پراتھنا سماج ۽ برهمو سماج شامل آهن.
- ↑ انگ اکرن ۾ سکر سٽي تعلقو ۽ نئون سکر تعلقي جو شهري حصو شامل آهي.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو